آگمِئو جي سنڌي معنيٰ
جُهڙالُو ٿيڻ، ڪڪرن جي مڙي اچڻ جي حالت، جهُڙ، ملاري. مينھوڳي، مينھن جي موسم. بارش، برسات. مينھن پوڻ کان اڳ ۾ ٿيل گهُٽَ، اُڪرس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cloudy, before rain
آگمِئو جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
English Meaning
Cloudy, before rain