مصنوعي ذھانت شاھ جو رسالو پڙهي ٿي!
ھن خاص صفحي تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت مصنوعي ذھانت تي آڌاريل وڊيو ۽ آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آھن. جيئن نئين ٽَھيءَ تائين ڀٽائيءَ جو پيغام جديد انداز ۾ پھچي تہ سگهي ئي پر دنيا اندر مصنوعي ذھانت ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ٻولن کي اچارڻ جي تربيت ملي سگهي. هيءَ وِک سنڌي ٻوليءَ، ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ اسانجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ کي زندہ رکڻ لاءِ هڪ نئين دڳ جو مُھڙ ثابت ٿيندي.
سُر
- سُر ڪلياڻ
- سُر يمن ڪلياڻ
- سُر کنڀات
- سُر سريراڳ
- سُر سامونڊي
- سُر سھڻي
- سُر سارنگ
- سُر ڪيڏارو
- سُر آبڙي
- سُر معذوري
- سُر ديسي
- سُر ڪوھياري
- سُر حسيني
- سُر سورٺ
- سُر بروو سنڌي
- سُر راڻو
- سُر کاھوڙي
- سُر رامڪلي
- سُر پورب
- سُر بلاول
- سُر ليلا
- سُر ڏھر
- سُر جاجڪاڻي
- سُر ڪاپائتي
- سُر رِپ
- سُر آسا
- سُر گهاتو
- سُر ڪيڏارو
- سُر مارئي
- سُر ڪاموڏ
- سُر ڪارايل

ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان، مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.
بيت ڏانھن ھلو
آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي، ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو
بيت ڏانھن ھلو
پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي، ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.
بيت ڏانھن ھلو
صُورَتَ گهَڻو سُهڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھَ، ريلو ڏيئِي رُوحَ، جو کائي سو کامِي مَري.
بيت ڏانھن ھلو
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا، مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا، جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
بيت ڏانھن ھلو
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سُوڌا سِراڻِي، پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکيُون.
بيت ڏانھن ھلو
اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ، آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ، مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ، لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
بيت ڏانھن ھلو
تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا،
بيت ڏانھن ھلو
سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري، اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
بيت ڏانھن ھلو
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
بيت ڏانھن ھلو
مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇايُون، تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.
بيت ڏانھن ھلو
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي، ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.
بيت ڏانھن ھلو
سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي، مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
بيت ڏانھن ھلو
نيڻَ نَہ نِنڊُون ڪَنِ، ڀَڳو آرَسُ اَکِيين، اُجهامِئو ٻَرَنِ، توکي سارِئو سُپِرِين.
بيت ڏانھن ھلو
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
بيت ڏانھن ھلو
کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
بيت ڏانھن ھلو
جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي، وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
بيت ڏانھن ھلو
وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرتِ نَہ ڇِنَنِ پاڻَ ۾، پَسو پَکِيَڙَنِ، ماڻُهنِئان ميٺُ گهَڻو.
بيت ڏانھن ھلو
سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
بيت ڏانھن ھلو
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
بيت ڏانھن ھلو
نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي، نَہ ڪا اِنتَھا، جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِئا.
بيت ڏانھن ھلو
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
بيت ڏانھن ھلو
اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ، مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
بيت ڏانھن ھلو
ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن اُڇَلَ، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
بيت ڏانھن ھلو
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ، ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ، سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ، واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
بيت ڏانھن ھلو
کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان، تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان، سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ ٿِئي.
بيت ڏانھن ھلو
لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ، ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
بيت ڏانھن ھلو
سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا، اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.
بيت ڏانھن ھلو
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
بيت ڏانھن ھلو
ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، رُوءِ اُڀِي چوءِ، سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ، مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ، سو قَلبُ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جَو ھُتيجَنِ ھَٿِ ڪِئو.
بيت ڏانھن ھلو
يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي، آھي آسانِي ڪَمَ پَئي ڪَلَ پَوي.
بيت ڏانھن ھلو
ڍولُ مَ کَڻين ٻانھَڙِي، پِرھَ مَ کَڻين پاندُ، آئُون پانھِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئِيان.
بيت ڏانھن ھلو
ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون، ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون، سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ سين.
بيت ڏانھن ھلو
آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ، آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ، سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
بيت ڏانھن ھلو
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
بيت ڏانھن ھلو
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين، مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
بيت ڏانھن ھلو
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
بيت ڏانھن ھلو
سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گهِڙي وَسَندي مِينھَن، ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن، جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
عُمَرَ اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِيئَن ڪَنِ، جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن، ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن سَتِيُون سُومَرا.
بيت ڏانھن ھلو
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
بيت ڏانھن ھلو
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ، حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ، طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
بيت ڏانھن ھلو
کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.
بيت ڏانھن ھلو
اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون، ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
بيت ڏانھن ھلو
اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ، اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
بيت ڏانھن ھلو
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
بيت ڏانھن ھلو
ڪُونجَ نَہ پَسين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سين ڍَڪِئو، مارِيءَ ماري لَکَ،وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.
بيت ڏانھن ھلو
آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟ کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي .
بيت ڏانھن ھلو
جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي، لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ، عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
بيت ڏانھن ھلو
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
بيت ڏانھن ھلو
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
بيت ڏانھن ھلو
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ، تُون پارِسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
بيت ڏانھن ھلو
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري، تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري، مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي، پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
بيت ڏانھن ھلو
وَڳَرَ وِئا وَھِي، ڪالَهہ تُنھِنجا ڪُونجَڙِي، ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري
بيت ڏانھن ھلو
واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ، اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
بيت ڏانھن ھلو
جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِيءَ تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.
بيت ڏانھن ھلو
اَلا ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ، مُون سين مُون پِرِيَنِ، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِئا.
بيت ڏانھن ھلو
جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين، مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو، اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
بيت ڏانھن ھلو
گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِئا، گَهڻا مَ ڀانئيجِ، سوئِي سُڃاڻيجِ، ھِيءُ ھُو آھي ھيڪِڙو.
بيت ڏانھن ھلو
ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ سانڍِڻُ سُٿِرا، اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
بيت ڏانھن ھلو
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا.
بيت ڏانھن ھلو
سُتي نَہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي، وِھامِي ويندِياءِ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
بيت ڏانھن ھلو
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو، آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ، مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
بيت ڏانھن ھلو
بَندِي ٻِئا قَراَرِ، اَسِين لوچُون لوھَ ۾، مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙَنِ جِي.
بيت ڏانھن ھلو
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
بيت ڏانھن ھلو
اَڄُ پُڻ اَکَڙِيُنِ، پَنھِنجا سَڄَڻَ سارِئا، ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ، سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ لَھي.
بيت ڏانھن ھلو
پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ، پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
بيت ڏانھن ھلو
پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان، جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
بيت ڏانھن ھلو
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرڪَڻا پيرين، ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِئا.
بيت ڏانھن ھلو
سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي، سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
بيت ڏانھن ھلو
اَکِيُون سيئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسِين پِرِينءَ کي، ٻي ڏانھَن ڪِيمَ نِھارِ، گهَڻو رِيسارا سُپِرِين.
بيت ڏانھن ھلو
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
بيت ڏانھن ھلو
منڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏھِن ڏِٺائِين، اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي پُنهون پُڇِيائِين، اَدا اِئائِين، ڪو لَنگِهئو ساٿُ سَڄَڻَ جو.
بيت ڏانھن ھلو
عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي
بيت ڏانھن ھلو
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
بيت ڏانھن ھلو
ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جو وَرَقُ وِصالَ جو، تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.
بيت ڏانھن ھلو
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ، عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ، ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
بيت ڏانھن ھلو
اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ، ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
بيت ڏانھن ھلو
جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.
بيت ڏانھن ھلو
ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ، ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، ھَريا تو نيڻَ ڪِئا.
بيت ڏانھن ھلو
اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين، اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ، سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
بيت ڏانھن ھلو
”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ پِئومِ، ”قالُوا بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ، تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.
بيت ڏانھن ھلو
وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون سِکِيين مِينھَن، تَہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندُنِ کان نَہ ڪَرِين.
بيت ڏانھن ھلو
جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.
بيت ڏانھن ھلو
ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون، پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.
بيت ڏانھن ھلو
پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين، مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
بيت ڏانھن ھلو
مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ، مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
بيت ڏانھن ھلو
وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي وييَسِ کيھَ، توءِ پِريان جي ڏيھَ، پيئِي پُڇِي خَبَرُون.
بيت ڏانھن ھلو
ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين، اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
بيت ڏانھن ھلو
پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ، ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ، اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ، پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ، چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
بيت ڏانھن ھلو
واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ، تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ، ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ، تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
بيت ڏانھن ھلو
ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي، جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ، کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
بيت ڏانھن ھلو
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ، بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.
بيت ڏانھن ھلو
اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي، وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
بيت ڏانھن ھلو