Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي ڪيچان آيو قافلو جو بيت
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي آزي نيزاري) او پنهل سائين! آءٌ مصيبت ۾ پئجي ويس (آءٌ جيئري مري ويس)، تون اٺ کي هلڻ جو اشارو نہ ڪر، آءٌ وڍجي ويس (لٽجي ۽ برباد ٿي ويس). تون اٺ کي هڪلي اڳتي نہ وڌ. (اهڙي ڏاڍائي نہ ڪر) اي منھنجا ساجن! (ڀلائي ڪري) هن مسڪين جي گهر ڏي موٽي اچڻ جي مهرباني ڪر. تو کان سواءِ منھنجي لاءِ نسوري قيامت جي گهڙي آهي.
[هن بيت جي پس منظر لاءِ مثنويءَ ۾ ’مجنون ۽ سندس ڏاچي‘ جو حوالو ضروري آهي:
هڪ دفعي مجنون ليليٰ سان ملڻ لاءِ پنھنجي ڏاچيءَ تي روانو ٿيو، جڏهن تہ ان جي ڦر کي گهر ۾ ڇڏي آيو هو. مجنون تي ليليٰ جي محبت سوار هئي، تنھن کي خبر ئي نٿي پيئي تہ ڏاچي اڳتي هلي رهي آهي يا پوئتي. هوڏانھن ڏاچيءَ کي جڏهن پنھنجي ڦر جي محبت ياد ٿي آئي تہ اها گهر جي طرف پٺتي ٿي ويئي. ائين چند ڏينھن جو فاصلو سالن ۾ نہ نبريو. آخر مجنون لاچار ٿي پاڻ کي ڏاچيءَ تان ڪيرايو تہ جيئن پنڌ وڃي ليليٰ وٽ پھچي! ان مرحلي تي روميءَ جو انداز بيان ڏسو:
نيست بر وفق من مهر و مهار،
کرد بايد از تو دوري اختيار.
معنيٰ: اي ڏاچي، تنھنجي محبت ۽ مھار ٻيئي منھنجي محبت جي برخلاف آهن. تنھنڪري توکان پري ڀڄڻ گهرجي.
سرنگون خود را ز اشتر درفگند،
گفت سوزيدم ز غم تا چند چند.
(دفتر چهارم، ب- 1543 ۽ 1555)
معنيٰ: اهو حال ڏسي مجنون پاڻ کي اٺ تان هيٺ اڇلايو ۽ چوڻ لڳو، مان تنھنجي ڪري ايڏي غم ۽ مصيبت ۾ مبتلا آهيان]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 419
مُٽِيَسِ ڄَلِ مَهَارَ ڪُٽِيَسِ ڪَاہِ مَڪَرَهُوْ﮶
مُنْ نِمَانِيَ جٖيْ نِجُرِيْ ڀٖيْرُوْ ڪَرِ ڀَتَارَ﮶
سَڃَنَ تُوْهَا ڌَارَ ڎِٽَمِ ڎِيْهُ قِيَامَجُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मुठीसि झल महार। कुठीसि काहि म करहौ।
मूं निमाणीअ जे निझुरी। भेरो करि भतअर।
साजन तुहान धारा। ॾिठुमि ॾींहुन क़ियामा जो॥
ROMAN SINDHI
MuThiyas’e jhall’e mahaar’a, kuThiyas’e kaah’e ma karaho,
Moon nimaarNi’a jy nijhury, bhero kar’e bhataar’a,
Saajan’a tuhaan dhaar’a, DiThum’e Deenhun qiyaam’a jo.
TRANSLATIONS
Woe is me! (My consort!) do pull up the reins please! I am finished! Do not drive off the camel, my Lord! Just condescend to visit the cottage of this humble woman. My love! Life without you is (as unendurable) as the Day of Resurrection.
بے حجابانہ بیا از در کاشانہ ما
Kindly enter my abode informally through its door.
اے دوزخ و بہشت غلامان امرِ تو
برما بہشت ہمچو سقری کنی مکن
(Roomi)
O you whose command Hell and Paradise obey! You are making for me Paradise like Hell; do not do it.
I am wretched, pull up reins, I am dying,
Do not ride your camel away,
Come to the abode of this humble woman,
Life without you, my beloved, is like the day of resurrection.
موڑ مہاراں ڈاچی والے سار لئیں توں میری
عشق تیرے دی کٹھی ہاں میں راہ دیکھاں میں تیری
تیرے بِن او سجن میرے سر تے قیامت آئی۔
قیامت ہے ترا مل کر بچھڑنا خدارا روک لے ناقے کو پیارے
نہ جا ویران کر کے دل کی دنیا کہیں میں مر نہ جائوں غم کے مارے
مت جا مر جائوں گی ساجن!، اونٹ کی موڑ مہار،
اس برہن کے آنگن میں تُو، قدم تو دھر اکبار،
ہجر کا ہر دن یار! یومِ قیامت جانوں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي…
- (بيت) اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو…
- (بيت) اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ…
- (بيت) بَرَ مِڙَئِي باسَ، ڇَپَرَ ڇَٽُون…
- (بيت) بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون…
- (بيت) جَڏھِن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ…
- (بيت) جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري…
- (بيت) سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ…
- (بيت) لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي…
- (بيت) واٽُنِ صَحِي وِئا، وَڻَ مَنجهانِ…
- (بيت) ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن…
- (بيت) ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،…
- (بيت) ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو…
- (بيت) ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون،…
- (بيت) ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
وڊيو سيڪشن
