اوطاقُنِ جي سنڌي معنيٰ
گهَرجي جاءِ کان سواءِ ٻاهر ڪچھريءَ جي جاين ۾. مھمان خانن ۾. منزل ۾، مڪان ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In the men’s apartments, in a house or a separate habitation for men alone.
اوطاقُنِ جا بيتن ۾ حوالا
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ،
وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ،
جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 5 ]

سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ،
اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ،
ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
اِجهي ٿا اَچَنِ، ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 3 ]

تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، رائو چِتائي رُڃَ،
اِھَڙا جَنِ اُھِڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 4 ]
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، رائو چِتائي رُڃَ،
اِھَڙا جَنِ اُھِڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 4 ]
تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ،
وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 5 ]
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ،
وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 5 ]
تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ،
فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ چَکِئو ساءُ،
وَٽان تو ويندا، ڪاپَڙِي ڪابُولَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 6 ]
وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ،
فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ چَکِئو ساءُ،
وَٽان تو ويندا، ڪاپَڙِي ڪابُولَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 6 ]
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 7 ]