اَچَڻُ جي سنڌي معنيٰ
پھچڻ، وارد ٿيڻ، رَسَڻُ، سَھڙَڻ. حاضر ٿيڻ، موجود ٿيڻ. داخل ٿيڻ. حاصل ٿيڻ. ملڻ. ڪٺو ٿيڻ، گڏجڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coming, arriving, reaching.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَچَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪِ سين،
ڪيھِي ڪُلفَتَ تَنھِن سين، جا گولِي آن جي گامَ،
وَرِجِ تُون وَرِيامَ، مُنھِنجو اَچَڻُ آن ڳَري.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 15 ]

مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.
اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي،
کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، لَيءِ پَنوهارَنِ پَچي،
اَچَڻُ وَسِ نَہ مُنھِنجي، جي آڻايوسِ تَہ اَچي،
ڦوڳَ ڦِڪائِي جا ڪِي، ڪُوڙُ ڳالَهايو ڪَچي.
[ سُر مارئي، وايون، 11 ]

ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا،
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]

عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي،
اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين،
اَوَڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 4 ]