اُڀِرُ جي سنڌي معنيٰ
مٿي ٿي، طلوع ٿي، نڪر، چڙه. (اڀرڻ مصدر جو امر)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rise, be above, come on, up.
اُڀِرُ جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
English Meaning
Rise, be above, come on, up.