باتِ جي سنڌي معنيٰ
(وات) ڳالهہ ٻولهہ. سخن، ٻولهہ. سخن، ٻول، گفتو. ذڪر، بيان. احوال. مخفي خبر. ڳجهو نياپو. راز. مسئلو. ٻولي. سبب، عذر. نصيحت، اُپديش. نُڪتو، حڪمت، دانائي. لطيفو، چرچو. دل تي اَثر ڪندڙ حالت، ڪيفيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Speech, language, words, quote.
باتِ جا بيتن ۾ حوالا
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ ڀَليري ذاتِ،
اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي باتِ،
تيَلاھِين پِرڀاتِ، پُنهون نِيائُون پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 13 ]
اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي باتِ،
تيَلاھِين پِرڀاتِ، پُنهون نِيائُون پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 13 ]
گِندا گُشِي پاڻَ ۾، ڪَنِ گِرُھَہ باتِ،
اِھا وائِي واتِ، عَيشَ ڪِلُون بِرھَہ بُرُون.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 21 ]
اِھا وائِي واتِ، عَيشَ ڪِلُون بِرھَہ بُرُون.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 21 ]
ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ،
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
آءُ عَجِيبَ اَڳي، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي،
چؤُ ڪا باتِ بَيانُ ڪَري، تان مُون تَنُ تَڳي،
تُنھِنجِي لالَڻَ لَطِيفُ چئَي، جَنھِن سان لَڙَه لَڳي،
سو تان مَنجِهہ سَڳي، پُوتو آھِ پِرِيتِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 10 ]
چؤُ ڪا باتِ بَيانُ ڪَري، تان مُون تَنُ تَڳي،
تُنھِنجِي لالَڻَ لَطِيفُ چئَي، جَنھِن سان لَڙَه لَڳي،
سو تان مَنجِهہ سَڳي، پُوتو آھِ پِرِيتِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 10 ]
قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي،
کَڻِئو کِيانتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِئو کِلِي،
لائِي جَنھِن لالَڻَ سان، مُنھِنجِي باتِ بِلي،
سو وَرُ چَشمَنِ تي چَلي، جَو دَربارِي دوسَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 32 ]
کَڻِئو کِيانتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِئو کِلِي،
لائِي جَنھِن لالَڻَ سان، مُنھِنجِي باتِ بِلي،
سو وَرُ چَشمَنِ تي چَلي، جَو دَربارِي دوسَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 32 ]
جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ،
جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَلي سُورِيءَ چاڙِھِئا، بَيانُ ڪَنِ نَہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَہ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 23 ]

بُرو فازا باتِ جَنِي، سِيروُزي شِيشِي،
ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي،
ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي،
پُنهون پَرويشِي، ڪِجِ پِيادِنِ جِي پَنڌَ ۾.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 5 ]
ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي،
ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي،
پُنهون پَرويشِي، ڪِجِ پِيادِنِ جِي پَنڌَ ۾.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 5 ]
رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو،
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]