بَڇَ جي سنڌي معنيٰ
ڪاھ، اُلَر. چُرچَ، هُشي. چورتَ، چُر. حملي جو حڪم. وٺ پڪڙ جو حڪم. ڪُتي کي ڪنھن تي ڪاھ لاءِ ڏاڪَر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Causing to attack or fly at one, setting on any one, a dog etc. at another, exciting any one to strike or beat another. An attack, assault, outset.
بَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي،
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]