تُنھِنجِي جي سنڌي معنيٰ
تو وارِي، توھان وارِي، (ضمير واري اضافي صورت.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Your, yours
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تُنھِنجِي جا بيتن ۾ حوالا
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي،
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري،
سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 6 ]
سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 6 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجهاڳَ،
مَنجِهہ ڀَرِئائيِن ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 8 ]
مَنجِهہ ڀَرِئائيِن ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 8 ]
English Meaning
Your, yours