جاٽائُون جي سنڌي معنيٰ
پوتر (مقدس) ماڳن يا مڪانن (مقامن) جو سئر سفر، زيارتون. (اصل ٺيٺ سنڌي ٻول جاٽ، جيڪو ھندي يا سنسڪرت ۾ ياتر جتان فارسي ۾ زاتر وري عربيءَ ۾ زيارت جو روپ وٺي ٿو.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pilgrimage. Visits to sacred places, travellings.
جاٽائُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪارِھين ڏِينھِن ڪَرَمُ، وَرِئو ويَراڳِيَنِ جو،
جوڳِيَنِ جاٽائُون پُنِيُون، ھَلِي وِئا حَرَمُ،
دائِمُ جَهلِئو دَمُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 11 ]
جوڳِيَنِ جاٽائُون پُنِيُون، ھَلِي وِئا حَرَمُ،
دائِمُ جَهلِئو دَمُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 11 ]
English Meaning
Pilgrimage. Visits to sacred places, travellings.