جَمَعُ جي سنڌي معنيٰ
ميڙُ، مجموعو. ڪُل، سڀ، جملي. جوڙُ، ميلُ، موڙي ”واحد“ جو ”جمع“ گهڻا. اها رقم جا وصول ٿئي. وهيءَ ۾ آڳت وارو پاسو. آڳتِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The credit side of an account, receipt account, money collected. adj. Collected in a body. Plural number.
جَمَعُ جا بيتن ۾ حوالا
اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]