روجَهہ جي سنڌي معنيٰ
جهنگلي جانور جو ھڪ قسم، ھرڻ جيان جيڪو ٿيندو آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
White-footed deer, white-footed deer.
روجَهہ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
روجَهہ نَہ پَڪَڙِجَنِ، مَتا جي ماھِ گَهڻين،
ڪِجي سَڱُ سِينھَنِ سين، واڪي جٖي وَرَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 17 ]
ڪِجي سَڱُ سِينھَنِ سين، واڪي جٖي وَرَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 17 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
English Meaning
White-footed deer, white-footed deer.
روجَهہ ٻول جا زمرا