رَونَقَ جي سنڌي معنيٰ
روُپ، رنگ، وَرَنُ، صُورت. سونھن، خوبي، حُسن، سوڀيا، خوبصورتي، زينت، زيب، سُھائي، سُندرتا، نِزاڪت. لُطف. تيجُ، جلوو، ڌَما، بِراج، جوت، چمڪو، ڀڀڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beauty, elegance, splendor.
رَونَقَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ،
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 36 ]
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 36 ]
English Meaning
Beauty, elegance, splendor.