زاھِدَ جي سنڌي معنيٰ
دنيا سان رغبت نہ رکي فقط خدا تعاليٰ سان لنؤ لڳائيندڙ، پرهيزگار، متقي، لوڪ تياڳي، رشي، سنياسي. خدا پرست، عابد، عبادت ڪندڙ، عبادتِي. بزرگ، درويش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hermit, devotee, abstinent, religious devout, monk, ascetic, recluse, religious, devout, abstinent, ascetic.
زاھِدَ جا بيتن ۾ حوالا
زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ،
ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ،
ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 24 ]