سائُو جي سنڌي معنيٰ
سڀاڳو. ونھيون، سُکيو، مالوند، مالدارُ، آسودو پڄندي وارو، هلندي وارو. نئڙت وارو، نھٺو. خوش.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Rich, wealthy. Honest, honorable, upright, veracious.
سائُو جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري،
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀَ نَہ ھُونِ،
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 6 ]
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 6 ]
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
ريٻارِڻِ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽِنِ سين،
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي ھِتِ نَہ پَسان ھاڻِ،
اُونِهي ۾ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وِئا پَڪي ڪَنھِن پرياڻِ،
سائُو سَنجَنِ ساڻِ، ڪُنَ ڪُڄاڙي جَهلِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 4 ]
اُونِهي ۾ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وِئا پَڪي ڪَنھِن پرياڻِ،
سائُو سَنجَنِ ساڻِ، ڪُنَ ڪُڄاڙي جَهلِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 4 ]
English Meaning
Rich, wealthy. Honest, honorable, upright, veracious.