سَؤُ جي سنڌي معنيٰ
سَئو، ھڪ سئو، سوين، ڳاڻيٽي جو هڪ انگ، ڏهن ڏهاڪن وارو انگ. ١٠٠ صد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One hundred, hundreds, a figure of counting, cent
سَؤُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ،
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
وَڻَجاري جِي ويرَ، سَؤُ سين گهوري گهورِيان،
وَکَرُ وِلائِتُنِ مان، آڻي ڪَندو ڍيرَ،
تو جَھِڙِيُون تَنھِن ويرَ، اُتِ اُڌارَڻَ اِيندِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 19 ]
وَکَرُ وِلائِتُنِ مان، آڻي ڪَندو ڍيرَ،
تو جَھِڙِيُون تَنھِن ويرَ، اُتِ اُڌارَڻَ اِيندِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 19 ]
سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ،
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 18 ]
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 18 ]
مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ،
تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ،
تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي مَٿاھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 13 ]
تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ،
تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي مَٿاھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 13 ]
مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ سِرَنِ سَؤُ ھَزارَ،
تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 14 ]
تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 14 ]
ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ،
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ،
جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ،
پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون مانِيءَ ڪَنُ،
تازو ڀانيان تَنُ، سَؤُ ڀيرا ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 16 ]