سَئِين جي سنڌي معنيٰ
هدايت. سڌو رستو، ڀلائي، چڱائِي. چڱي، ڀَلِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Virtue, straight, good
سَئِين جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ،
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا،
سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 21 ]
سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 21 ]
English Meaning
Virtue, straight, good