طالِبَ جي سنڌي معنيٰ
ڳولائو، ڳوليندڙ، تلاش ڪندڙ، طلب ڪندڙ، خواهان. عاشق، مريد. شاگرد. سالڪ، فقير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who is needy, student, searcher, explorer
طالِبَ جا بيتن ۾ حوالا
سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي تاتِ تَيارُ،
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ،
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ،
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون،
نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 9 ]
نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 9 ]
ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ،
پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ،
گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 10 ]
پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ،
گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 10 ]
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،
آديسِي اُٿِي وِئا، مَڙِهيُون مُون مارِينِ،
جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 9 ]
آديسِي اُٿِي وِئا، مَڙِهيُون مُون مارِينِ،
جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 9 ]
English Meaning
One who is needy, student, searcher, explorer