طالِبِ جي سنڌي معنيٰ
ڳولائو، ڳوليندڙَ، تلاش ڪندڙَ، طلب ڪندڙَ، خواهان. عاشقِ، مريدِ. شاگردِ. سالڪِ، فقيرِ، فقيرياڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who is needy, student, searcher, explorer.
طالِبِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]

ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ،
نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 6 ]