مارُوءَ جي سنڌي معنيٰ
مال چاريندڙ، مالدار، جهنگ جي رهاڪوءَ، مسڪين، غريب، نادار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir
مارُوءَ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو.
مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،
اُتي مَلِيرَ ڄائِيُون، سَڀَ نَوازي نِيندو،
والِي ٿِي واڳَ جو، هِئائِين هَلَندو
ڪوٺي ڪوثَرَ ڪَنڌِيين، پاڻِي پِيارِيندو.
[ سُر مارئي، وايون، 15 ]

مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو مُنھِنجو،
مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ،
ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ،
لارُون جٖي لُڙڪَنِ جُون، ڳِنِهي وَڃان توءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 20 ]
مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ،
ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ،
لارُون جٖي لُڙڪَنِ جُون، ڳِنِهي وَڃان توءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 20 ]
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]
ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو،
پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو،
اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 17 ]
پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو،
اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 17 ]
سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ،
واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ،
مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،
ھِھَڙو حالُ حَمِيرَ، وَٺِي شالَ ويڙِھ وَڃان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 17 ]
واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ،
مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،
ھِھَڙو حالُ حَمِيرَ، وَٺِي شالَ ويڙِھ وَڃان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 17 ]
سَنِهِيءَ سُوئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين ساھُ،
ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ،
ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھُ،
پَکَنِ مَنجِهہ پَساھُ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 21 ]
ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ،
ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھُ،
پَکَنِ مَنجِهہ پَساھُ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 21 ]
سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،
ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 22 ]
ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 22 ]
جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، رُوءِ اُڀِي چوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سو قَلبُ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جَو ھُتيجَنِ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 8 ]
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سو قَلبُ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جَو ھُتيجَنِ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 8 ]
ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
English Meaning
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir