مَجالَ جي سنڌي معنيٰ
پُڄندي، وَسُ، دسترسي، پھچ، طاقت، قدرت، قابُو، مقدور. همت، جرئت، سگهہ، سَمرٿِي، پلُ، اختياري، وسعت. لياقت، قابليت، حيثيت، پِرٻينتا، جوڳائي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Power, ability.
مَجالَ جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ،
مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ،
لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 3 ]
مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ،
لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 3 ]
لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا،
ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ،
مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان تَنِ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 1 ]
ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ،
مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان تَنِ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 1 ]
ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ،
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
English Meaning
Power, ability.