مَلُورَ جي سنڌي معنيٰ
مَلُولُ، مايُوس، دلگير، غمگين، اُداس، ڏکويل، ڏُکارو، ڏک ڀريو، دردي، غمناڪ. ماندو، ساڻو، حيران، پريشان، سرگردان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fatigued, tired, weary, languid, grieved, sad, dejected, melancholy, out of spirits.
مَلُورَ جا بيتن ۾ حوالا
مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين،
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ،
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ،
مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،
مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 7 ]