مَيَنِ جي سنڌي معنيٰ
اُٺن، توڏن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Camels.
مَيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون چانگارِينِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]
اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون،
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
مُون توکي پَرنِئا، اللهَ اوٺِي ۽ اُٺَ،
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي،
آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ،
ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ لِيارَ،
ڪَنڊَنِ ۽ ڪَرِيڙَنِ کان، پُڇي سيڻَ سُوارَ،
ويجهِي ٿِي وَڻِڪارَ، آرِياڻِي اِيندُسِ وَرِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 20 ]

پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
جَڏھِن ڀيڄ ڀِني، تَڏِھِين اوٺِيَن اُٺَ پَلاڻِئا،
مَهارُون مَيَنِ جُون، وِئا ڇوڙائِي ڇِني،
اَدِيُون ڳالِهہ اِنِهِي، مُون کي چُر ڦُر لائِي چِتَ ۾.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 13 ]
مَهارُون مَيَنِ جُون، وِئا ڇوڙائِي ڇِني،
اَدِيُون ڳالِهہ اِنِهِي، مُون کي چُر ڦُر لائِي چِتَ ۾.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 13 ]
اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ،
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
ڦازا ڦيريائُون، مَھارُون مَيَنِ جُون،
مَروشِي جَبَلِ رَوان، واڳُون وارِيائُون،
مُون کي مارِيائُون، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 19 ]
مَروشِي جَبَلِ رَوان، واڳُون وارِيائُون،
مُون کي مارِيائُون، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 19 ]
English Meaning
Camels.
مَيَنِ ٻول جا زمرا