مُحَّمَدَ جي سنڌي معنيٰ
حضرت محمد صلی اللہ علیہ و آلہ وسلم، آخري نبي، مذھب اسلام جو باني
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hazrat Muhammad (Peace be upon him), last prophet
مُحَّمَدَ جا بيتن ۾ حوالا
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ،
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا،
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين سَنانَ،
ريءَ مُحَّمَدَ ڄامَ، ڪَمِ نَہ اِيندُءِ ڪِي ٻِئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 6 ]
ريءَ مُحَّمَدَ ڄامَ، ڪَمِ نَہ اِيندُءِ ڪِي ٻِئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 6 ]
مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
English Meaning
Hazrat Muhammad (Peace be upon him), last prophet