مُناسِبُ جي سنڌي معنيٰ
نسبت رکندڙ. موزون، لائق، واجب، مُوافق. شايان، ٺِيڪ، دُرست، معقول. لازم، رَوا، جائز. برابر، جوڳو، اُچت، بابت جو، ٺھَندڙ، پُورو، جڳائيندڙ، سونھندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Appropriate, proper, suitable, becoming, befitting, fit, expedient.
مُناسِبُ جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
English Meaning
Appropriate, proper, suitable, becoming, befitting, fit, expedient.