مُنڌَ جي سنڌي معنيٰ
ننڍي نوجوان زال لاءِ عزت ڀريو لفظ. سھڻي نوجوان زال. زال، ناري، عورت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A complimentary term for a young woman, a nice lassie, a handsome young woman.
مُنڌَ جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ،
مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لالائِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربانِي قَبُولِيوس، باسي مُنڌَ مَوتُ ھَلي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 22 ]

ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو،
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ،
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]
ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي،
تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ،
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 21 ]
تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ،
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 21 ]
سَندو ڏَمَ ڏَھڪار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي،
پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ،
ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 17 ]
پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ،
ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 17 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
English Meaning
A complimentary term for a young woman, a nice lassie, a handsome young woman.
مُنڌَ ٻول جا زمرا