مُوذِي جي سنڌي معنيٰ
ايذاءُ ڏيڻ وارو، ايذائيندڙ، ڏکوئيندڙ. رنجائيندڙ. ظالم، جابر. شُوم، ڪَنجُوس، مَرچُوٽ، بخيل، چِچِي مار، چمچوس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Harassing, distressing. hurtful Tyrant, oppressor. Dangerous, killer, injurious.
مُوذِي جا بيتن ۾ حوالا
حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]