واقِعو جي سنڌي معنيٰ
واردات، ماجرا، حادثو، روئداد حال، سرگذشته. ڳالهہ، قصو. اتفاق، آپدا، آفت، مصيبت، حال. سختي. قيامت. موت. غضب، دک درد جو سبب. خبر، لڙائي، جنگ. قتل، وفات. سختي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Misfortune, calamity, cause for grief or complaint.
واقِعو جا بيتن ۾ حوالا
جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي اَباڻان،
هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان،
هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو ويڙِه ۾.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 22 ]
هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان،
هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو ويڙِه ۾.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 22 ]
English Meaning
Misfortune, calamity, cause for grief or complaint.