وَڳَ جي سنڌي معنيٰ
ولر، گَلو، قطار، ٽولا، ڌڻ . جانورن خاص ڪري اُٺن جا ميڙ، مجموعا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Herds of cattle or camels.
وَڳَ جا بيتن ۾ حوالا
والِي وَڳَ مَ ڍارِ، ھِنَ پَرائي ديسَ ۾،
چِيھو چِلَڙُ چِڪَ ٿِي، وَڳَ اِتائِين وارِ،
ڏِئُمِ ڪالَهہ پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ سين.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 4 ]
چِيھو چِلَڙُ چِڪَ ٿِي، وَڳَ اِتائِين وارِ،
ڏِئُمِ ڪالَهہ پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ سين.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 4 ]
ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ ڪِياءِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين،
اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 17 ]
اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 17 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاڻُو،
مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو،
ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ مَٽِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 31 ]
مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو،
ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ مَٽِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 31 ]
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو،
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ،
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙَھَندو لَڪِيين،
مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ وائُوٺي نَہ لَھين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 12 ]
مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ وائُوٺي نَہ لَھين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 12 ]
English Meaning
Herds of cattle or camels.