وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ جي سنڌي معنيٰ
”۽ مان اوھان جي ذات ۾ پوشيدہ آھيان، ڇا اوھان نہ ٿا ڏسو“.
(قران مجيد ۾ سورة الذاريات آيت نمبر ايڪويھين)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"And I am in yourselves. Then will you not see?"
(Quran: Surat uz Zaariyaat verse No: 21)
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين پاڻَ پَساھُ،
جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سَچو اِيءَ گَواھُ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 4 ]
جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سَچو اِيءَ گَواھُ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 4 ]
سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين،
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
English Meaning
"And I am in yourselves. Then will you not see?"
(Quran: Surat uz Zaariyaat verse No: 21)
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ٻول جا زمرا