پَوَنِ جي سنڌي معنيٰ
هوا کي، واءُ کي. هِيرَ کي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To wind, to air.
پَوَنِ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گهِڙين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 7 ]
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گهِڙين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 7 ]
اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ ڪَرو، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَن،
تَنَگَ ڀَڄَنِ تَرڪَشَ پُسَنِ، تِئا سَڄَڻُ چِتِ پَوَنِ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 15 ]
تَنَگَ ڀَڄَنِ تَرڪَشَ پُسَنِ، تِئا سَڄَڻُ چِتِ پَوَنِ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان،
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]
جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ،
مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري،
ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ،
کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا چاڪَ چِڪَنِ.
[ سُر راڻو، وايون، 3 ]

پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]
جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ،
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ،
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
English Meaning
To wind, to air.