چَپَنِ جي سنڌي معنيٰ
لَبَنِ، وات جا هيٺيان يا مٿيان ماس وارا ڪنارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lips.
چَپَنِ جا بيتن ۾ حوالا
گِندا گُشِي پاڻَ ۾، سِرِ چَپَنِ چولي،
پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي،
گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 22 ]
پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي،
گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 22 ]
لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

چَپَنِ ٻول جا زمرا