ڏِجي جي سنڌي معنيٰ
حوالي ڪجي، ڏئي ڇڏجي، ٻئي جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Handed to other, give
ڏِجي جا بيتن ۾ حوالا
جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 14 ]
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 14 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو،
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن،
ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 26 ]
ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 26 ]
ٻيلِيَنِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ جيڏِيُون،
وَڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾، ڪيرائي ڪَھُن،
ٿِيَسِ مَنجهان تَنِ، پييُون پُڇائِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 3 ]
وَڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾، ڪيرائي ڪَھُن،
ٿِيَسِ مَنجهان تَنِ، پييُون پُڇائِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 3 ]
دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا تان نَہ ڪِجَنِ،
دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ،
اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِينِ دوسِتِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 7 ]
دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ،
اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِينِ دوسِتِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 7 ]
ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو،
وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ،
سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 11 ]
وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ،
سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 11 ]
English Meaning
Handed to other, give