ڏِٺا جي سنڌي معنيٰ
ويکيا، وائسيا، تَڪيا، واچيا، جُوچيا، ديدار ڪيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have seen, looked, watched.
ڏِٺا جا بيتن ۾ حوالا
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]
سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ ڪارَڻِ ڳالِهہ ڪَرِيو،
نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 17 ]
نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 17 ]
مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
ڪَري نَہ سَگهان ڪا، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 1 ]
ڪَري نَہ سَگهان ڪا، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 1 ]
آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀانِ پَچارِ،
ويھِي ھِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِر تَنوارِ،
جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 3 ]
ويھِي ھِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِر تَنوارِ،
جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 3 ]
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
آن ڪي ڏِٺا ڪالَهہ، ويندا واٽَڙِيُنِ تان.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 5 ]
آن ڪي ڏِٺا ڪالَهہ، ويندا واٽَڙِيُنِ تان.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 5 ]
ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ،
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ،
لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 12 ]
لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 12 ]
English Meaning
Have seen, looked, watched.