ڪوھِيارِي جي سنڌي معنيٰ
ڪوھ واري، جبل واري، جابلو ڏکين پيچرن واري. ھڪ راڳڻيءَ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of mountains, a mountaineer, a hiker.
ڪوھِيارِي جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
اَڄُ پُڻ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]
ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ،
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي،
چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ،
ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان ڪا اِيءَ جُڳاءِ،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ھاڙهو ھوتَنِ لاءِ،
پانڌِيئَڙا پيرَ ڀَري، پِريان کي پَھچاءِ،
مَولا مُون کي ميڙيين، سَندِيءَ جانِبَ جاءِ،
سَسُئِيءَ جي سِڙيءَ کي، اوڏاھِين اُٺاءِ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو لوڙُه لَٽاءِ.
[ سُر حسيني، وايون، 31 ]

ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي گَهڻا،
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري،
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
[ سُر حسيني، وايون، 7 ]
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
[ سُر حسيني، وايون، 7 ]
اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو،
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
English Meaning
Of mountains, a mountaineer, a hiker.