ڪَڍِئا جي سنڌي معنيٰ
ڪڍيا، ڪا شيءِ اندر ڪري ٻاهر ڪڍڻ، ٻاهر ڇڪيا. تيل پيڙيا. ترار اگهاڙيا. (پئسو ڇڏائڻ. عرق چڪائڻ، نپوڙڻ، پيڙڻ، نچوڙڻ. سَٽون پائڻ. ڪا شئي چوريءَ هٿ ڪرڻ. فوٽو يا تصوير اتارڻ، ٺاهڻ، ڇاپڻ. گهڻين شين مان چونڊڻ، ڳولڻ. نيڪالي ڏيڻ، لوڌڻ، تڙڻ)
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Pull out, bring out, open, come out, bring
ڪَڍِئا جا بيتن ۾ حوالا
سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي،
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ،
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
ڪِي جَي ڪَڍِئا پَارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
سُڻِي تَنوارَ، مِرُون پِئا مامِري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 19 ]
سُڻِي تَنوارَ، مِرُون پِئا مامِري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 19 ]
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين،
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
English Meaning
Pull out, bring out, open, come out, bring