ڪِينجُهرَ جي سنڌي معنيٰ
ٺٽي ضلعي ۾ هڪ مشھور مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ جو نالو. جيڪا ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي قصي سبب مشھور آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Keenjhar Lake is located in Thatta District of Sindh the province of Pakistan. It is situated about 36 kilometres from the city of Thatta.
ڪِينجُهرَ جا بيتن ۾ حوالا
جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾،
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين،
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
مي ھَٿَ ۾، مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،
سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 13 ]
سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 13 ]
ڄامان اَڳي جٖي ڄايُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ تي ناھِ،
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
تَڙِ تَماچِي آيو، وَرِي ٿِي وَراڻِ،
ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، راتو ڏِينھِن رِھاڻِ،
پَرَچِي ويٺو پاڻِ، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 21 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، راتو ڏِينھِن رِھاڻِ،
پَرَچِي ويٺو پاڻِ، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 21 ]
ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري،
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو،
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري،
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين،
نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 23 ]