ڳالَهائي جي سنڌي معنيٰ
ڳالهائڻ، گفتگو ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه، حال احوال بيان اورڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Say, tell
ڳالَهائي جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
جَي تو ڳالَهائي، ماءُ ٻاروچا پُڇِئا،
اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 24 ]
اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 24 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو،
ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ،
وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ تَنھِين جي پَسُ،
ڪوڙيِين لاھي ڪَسُ، جُھ ڳالَهائي ڳاٽُ کَڻِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 13 ]