ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي جو بيت
اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا،
تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ،
اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي آھِيان.
سمجهاڻي
منھنجا سامونڊي تہ اڃا ڪالهہ مون وٽان روانا ٿيا آهن، پر مون کي لڳي ٿو ڄڻ ڪيئي سال گذري ويا آهن. منھنجو من هنن لاءِ ائين ڪومائجي (سڪي) ويو آهي جئن گلن جو هار (ٿوري وقت بعد) خشڪ ٿي ويندو آهي. شال اهي منھنجي اڱڻ تي وري موٽي اچن، مان هر وقت انهن جي آسري تي آهيان.
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2711
اَڃَا وِئِرَمِ ڪَالَ مُنْ لٖيْکٖيْدِيَ وَرْہَ ٿِئَا﮶
تَنُ ڪُنْمَانُوْ تَنِ لَىءِ جِيَ سَا ڤُلَنِ مَالَ﮶
اَنکَّنِ اِيْدَمِ شَالَ آَسَرَ ڀَرِيْ آَهِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अञा विअड़मि कालह। मूं लेखींदे वरिह थिआ।
तनु कुमाणू तनि लाए। जीअं सा फुलनि मालह।
अङणि ईंदमि शाल। आसर भरी आहियां।
ROMAN SINDHI
ajna wirh'em kaalh', moon lekhein'dey war'h thi'a,
Tin'n kama'no tin'n laa'ey, jein saa phul'an maal'h,
AnGan aen'dam Shaal, asaa'r bha'rey aahe'yan.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection