اوڏِي جي سنڌي معنيٰ
ويجهي، قريب، نيڙِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near to, close.
اوڏِي جا بيتن ۾ حوالا
مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ،
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]
توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي،
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 11 ]
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 11 ]
طالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون طالِبُ توڏِيءَ جو،
عاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 12 ]
عاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 12 ]
ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ،
آئُون اَوَھان جِي آھِيان،
پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِرِين، اوڏِي لاھِي لَڏَ،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھاڙِھي ھَنيان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.
[ سُر معذوري، وايون، 6 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي،
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو،
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
English Meaning
Near to, close.