حَرامُ جي سنڌي معنيٰ
روڪيل، منع ڪيل، رد ڪيل، ممنوع، منع ٿيل، بي قاعدي، ناجائز، ناروا، غير مُباح، اڻ رھائيندو، شريعت جي خلاف. پليت، نجس، ناپاڪ. زنا، بدڪاري، بدپيشو، ڪَسَبُ. ’حَلالُ‘ جو ضِد. حرمت وارو، ”مَسُجِد الحَرامِ، مُحَرُم الحَرام وغيرہ“
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Unlawful, forbidden, pure, n. Fornication, prostitution, whoremongering.
حَرامُ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾،
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]

دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ،
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]