سُڪو جي سنڌي معنيٰ
سُڪل، خشڪ، ٺوٺ، ڦڪرو. اُساٽيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dry, dried.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُڪو جا بيتن ۾ حوالا
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا،
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ،
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري آئُون سُڪو،
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ،
مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 14 ]
مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 14 ]
جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 11 ]
سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 11 ]
English Meaning
Dry, dried.