رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ جي سنڌي معنيٰ
”ھڙني جھانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو ويو.“
(قرآن مجيد جي سورہ انبياءَ جي آيت نمبر 107 ھو ھڪ حصو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Mercy of all worlds."
(A part of an Ayat number 107 of Soorah Al-Anbia. Holy Quran)
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ جا بيتن ۾ حوالا
ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]