سُومَلَ جي سنڌي معنيٰ
مُومل جي وڏيءَ ڀيڻ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of elder sister of Moomal.
سُومَلَ جا بيتن ۾ حوالا
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ،
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، مُرادِي مَنجِهنِ،
ٻيٽِيُون راجا نَندَ جُون، چاکيَ پَرِ چَلَنِ،
راڻو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 12 ]
ٻيٽِيُون راجا نَندَ جُون، چاکيَ پَرِ چَلَنِ،
راڻو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 12 ]
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ،
اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا،
کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جوھَرَ ڪَنِ جَڙاءَ،
لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙاءُ،
جَنِ پِيتو ڪاڪِ تَڙان، سي لوڍِي لاکِيڻا ٿِئا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 13 ]
اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا،
کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جوھَرَ ڪَنِ جَڙاءَ،
لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙاءُ،
جَنِ پِيتو ڪاڪِ تَڙان، سي لوڍِي لاکِيڻا ٿِئا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 13 ]
English Meaning
Name of elder sister of Moomal.
سُومَلَ ٻول جا زمرا