غورُ جي سنڌي معنيٰ
تَرو ، تَرُ ، تھُ. اونهائي ، گَھرائي. ڪنھن شيءِ جي اصليت ۽ ماهيت ۽ نتيجي جو خيال. اونهو خيال، اونهو ويچار، انتھائي فڪر. سوچ، ويچار، خيال، خوض.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Deliberation, consideration, ponderance
غورُ جا بيتن ۾ حوالا
ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
ڏُکندو سَڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبِيبُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 22 ]