لَنگِهئائُون جي سنڌي معنيٰ
گذريا، پار ٿيا، عبور ڪيائون، گڏجي گذريا، کسڪيا، ويا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
passed over, crossed, surmounted. gone by, passed by.
لَنگِهئائُون جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون،
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]

ثابِتُ لَنگهِئا سِيرَ، لَهِرِنِ لوڏِئا ڪِينَ ڪي،
وَڃِي پَھتا پارَ کي، نِرتو مَنجهان نِيرَ،
ماءِ پَھتا مِيرَ، ٻارِ لَنگِهئائُون ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 9 ]
وَڃِي پَھتا پارَ کي، نِرتو مَنجهان نِيرَ،
ماءِ پَھتا مِيرَ، ٻارِ لَنگِهئائُون ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 9 ]
English Meaning
passed over, crossed, surmounted. gone by, passed by.