سَتِي جي سنڌي معنيٰ
گڻائتي، سُلڇڻي، سَتُر واري. پاڪدامن، سِيلوانَ، جَتي، ثابت قدم، سچي، وفادار. پاڻ کي مڙس جي لاش سان گڏ ساڙيندڙ عورت هندڪي رسم موجب. ڏهاڳڻ زال، بيوه، گناهن کان آجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Chaste, virtuous. (N) A widow who is burnt on her husbands funeral pile
سَتِي جا بيتن ۾ حوالا
سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ،
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري،
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
ڳَورِيءَ نِينھُن نَہ ڪَچُوئي، سِبي سيبا ڏي،
کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سي سِيوي،
مَڇُڻِ چَونِمِ ڪي، تَہ لَڄايُئِي ٿَرَ ڄايُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 20 ]
کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سي سِيوي،
مَڇُڻِ چَونِمِ ڪي، تَہ لَڄايُئِي ٿَرَ ڄايُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 20 ]
سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]