سُتِيُون جي سنڌي معنيٰ
سمهيُون، سمهي پيون. آرام ڪيائُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Slept.
سُتِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]
صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري، جَڏھِن سُتِيُون جٖي،
تَڏِھِين تَنِي کي، ساٿَ سُتيئي ڇَڏِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 10 ]
تَڏِھِين تَنِي کي، ساٿَ سُتيئي ڇَڏِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 10 ]
پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا،
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
ڪِي جَو ڪَنھِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
ڀِنِيءَ جٖي ڀوڻَنِ، تَنِ جو ڀيڄَ ڀُڻڪو نَہ سُڻان،
سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙِه وَرَنِ،
پِئَڙا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهي ٻِنهِي ڪَنڌِيين.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 17 ]
سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙِه وَرَنِ،
پِئَڙا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهي ٻِنهِي ڪَنڌِيين.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 17 ]
سَڀَ نَہ وَڃِي سُتِيُون، اَڃا ڪي سِنجَنِ،
پِيو سي پَھَرَنِ جٖي اُڃائِجِي آيُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 19 ]
پِيو سي پَھَرَنِ جٖي اُڃائِجِي آيُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 19 ]
جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو،
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]