لَڄَ جي سنڌي معنيٰ
شرم، حياءُ، ڦڪائي، مَرم، ڀَرم، لِيھَ، شرمندگي. پردو، ڍڪ، سچائي، سَتُ، آبرو، حُرمت، ننگ، عزت، ناموس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Modesty. Shame, shyness. Cover, dignity, honor.
لَڄَ جا بيتن ۾ حوالا
اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري،
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَهنِ،
پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،
جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 1 ]
پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،
جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 1 ]
ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان،
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڀائِي حالَ ھَلِي وِئا، ڪَنھِن کي سُورَ سَلانُ،
کَڻِئو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ لُڇان،
پانڌِي ڪِيرِ پَڇان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 6 ]
کَڻِئو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ لُڇان،
پانڌِي ڪِيرِ پَڇان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 6 ]
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ،
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِي پُڇُ پِيادِيُون، اللهَ لَڳِ عَلامَ،
جا نَوازِي آن جي نامَ، سا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 14 ]

ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ،
ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ،
ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 17 ]
ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ،
ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 17 ]
لَڄَ بَلوچِي نِشتَگان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌائِي،
سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي،
جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 18 ]
سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي،
جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 18 ]
ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي،
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]
ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي،
مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 27 ]
مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 27 ]
English Meaning
Modesty. Shame, shyness. Cover, dignity, honor.