موٽَڻُ جي سنڌي معنيٰ
موٽي اچڻ، موٽي وڃڻ، موٽ کائڻ، وَرڻ، واپس اچڻ. پويان پير ڪرڻ، پُٺتي ھٽڻ. ھَٽڻ، پُٺ ڏيڻ، اصلوڪي حالت ۾ اچڻ. لھڻ (بدن ۾)، گهٽجڻ پڌارجڻ، روانو ٿيڻ، اُسھڻ، موڪلائڻ. (موٽيو، موٽندو، موٽيل).
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To return, go or come back, recede, retire, turn back.
موٽَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀَ نَہ ھُونِ،
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 6 ]
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 6 ]
ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا،
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي،
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميھَڻو،
اِيءُ مَرَڪُ مَعذُورِنِ، جِيئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 19 ]

ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
تِيئان مُومَلَ موٽَڻُ لِکِئو، سَھِسين جِيئَان سِکَنِ،
سي ھُونھِين جاڙَ جِيَنِ، جٖي ڪوري ڪاغَذِ آيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 15 ]
سي ھُونھِين جاڙَ جِيَنِ، جٖي ڪوري ڪاغَذِ آيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 15 ]
English Meaning
To return, go or come back, recede, retire, turn back.